اهو نٿو ٿي سگهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ 9 مئي واقعن کي وساري ڇڏيون: عطاءُ الله تارڙ
وزيرآباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي اهو نٿي ٿي سگهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ 9 مئي جهڙن واقعن کي وساري ڇڏيون.
وزيرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، خواهش آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، معيشت مستحڪم ٿي آهي، سياسي استحڪام به اچڻ گهرجي.
هن چيو ڳالهين جو مقصد اهو ناهي ته 9 مئي تي نه ڳالهايو وڃي، ملڪ دشمني تي ڳالهه نه ڪئي وڃي، سڀني معاملن تي سوديبازي ڪئي وڃي، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ 9 مئي جهڙن واقعن کي وساري ڇڏيون.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ 26هين آئيني ترميم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي آءِ جي چونڊ تي سموريون شقون به ڪڍيون ويون، هاڻ ته پي ٽي آءِ باني به چئي ٿو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي.
