زمبابوي جو افغانستان خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اسڪور

بلاويو (ويب ڊيسڪ ) افغانستان خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ زمبابوي ڊگهي فارميٽ جي تاريخ ۾ پنهنجو سڀ کان وڏو اسڪور ٺاهي ورتو.
افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه زمبابوي جي دري تي آهي جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ جاري آهي.
ميچ دوران زمبابوي افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ رنسن جو جبل کڙو ڪري ڇڏيو.
زمبابوي جي ٽيم افغانستان خلاف ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 586 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، اِهو زمبابوي جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ٽوٽل آهي.