ماهرا خان خطرناڪ حادثي کان بچي وئي
پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان خطرناڪ حادثي کان بچي وئي.
ماهرا خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس پنهنجي پٽ سان گڏ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ گهمندي ڏسي سگهجي ٿو.
ان وڊيو جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته مون کي جبلن سان هڪ عجيب واسطو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته اهي مون سان ڳالهائي رهيا هجن، جبلن ۾ سڪون آهي ۽ انهن کي ڏسي ايمان جو احساس ٿيندو آهي.
پنهنجي پوسٽ ۾ ماهرا خان انڪشاف ڪيو ته مان گهوڙي سواري دوران خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي هيس پر اتي موجود ماڻهن وقت تي مدد ڪري منهنجي حياتي بچائي ورتي، مان زندهه رهڻ تي انهن جي ٿورائتي آهيان.
