وفاقي ڪابينا مدرسا رجسٽريشن ۽ انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊييسڪ ) وفاقي ڪابينا ٻن صدارتي آرڊيننسن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا ٻن صدارتي آرڊيننسن جي منظوري ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا مدرسن جي رجسٽريشن بابت سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي آرڊيننس جي منظوري ڏني.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي به منظوري ڏني، جنهن تحت بئنڪن جي 70 ارب رپين جي اضافي منافعي تي ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو.
ڪابينا جي منظوري کانپوءِ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيا ويندا.

ڊسمبر 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو