66 سيڪڙو پاڪستانين ملڪ ۾ ڪامياب ڪاروبار لاءِ رشوت کي ضروري قرار ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستانين جي اڪثريت جو خيال آهي ته ملڪ ۾ ڪامياب ڪاروبار لاءِ رشوت ضروري آهي.
اهو خيال عوامي راءِ ڄاڻڻ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان جي هڪ سروي ۾ سامهون آيو آهي.
پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ ڪاميابي لاءِ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ ضروري آهي يا نه؟ ان حوالي سان گيلپ پاڪستان سڄي ملڪ ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل سروي ڪئي، اها سروي 29 مارچ کان 7 اپريل 2023 جي وچ ۾ ڪئي وئي.
گيلپ پاڪستان سروي موجب هر 10 مان 7 پاڪستاني سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ ڪامياب ڪاروبار لاءِ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ ضروري آهي.
سروي ۾ 66 سيڪڙو ماڻهن چيو ته پاڪستان ۾ ڪامياب ڪاروبار لاءِ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ ضروري آهي.
13 سيڪڙو ماڻهن ان ڳالهه سان اختلاف ڪيو ۽ سمجهن ٿا ته رشوت بنا به ڪاروبار ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
10 سيڪڙو ماڻهن چيو بنا رشوت وٺڻ يا ڏيڻ جي ڪاروبار ۾ ڪاميابي ڪنهن حد تائين ممڪن آهي پر يقيني ناهي.
