فوجي عدالتن مان 9 مئي جي وڌيڪ جوابدارن کي سزائن تي تحريڪ انصاف جو ردعمل اچي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن مان 9 مئي جي وڌيڪ 60 جوابدارن کي سزا تي تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته انهن سزائن خلاف اپيلون داخل ٿينديون.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو اسان جو مطالبو آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جڊيشل ڪميٽي جوڙي وڃي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته ملٽري ٽرائل بابت ڪيس جو جلد فيصلو ڪري.
هن چيو ته اسان انهن سزائن خلاف اپيلون داخل ڪنداسين، جڏهن ته انفرادي طور تي به انهن سزائن خلاف اپيلون داخل ٿينديون.

ڊسمبر 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو