فيصلا عمران خان ڪندو، ان سان مشاورت بنا ڳالهيون بي معنيٰ آهن: اسد قيصر

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسان جي ڳالهين جي ڪميٽي بااختيار آهي پر فيصلا عمران خان کي ڪرڻا آهن.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڳالهين ۾ پهريون مطالبو پي ٽي آءِ باني سان ملاقات آهي، ملاقات لاءِ مناسب ماحول ڏنو وڃي، جنهن ۾ مشاورت ممڪن هجي.
هن چيو ته ڳالهين جي ڪميٽي بلڪل بااختيار آهي پر فيصلا عمران خان کي ڪرڻا آهن، تنهن ڪري ان جي بنا ڪا به ڳالهه ٻولهه بي معنيٰ رهندي.
سندس چوڻ هو ته سينيٽ چونڊون خيبر پختونخواهه جو بنيادي حق آهي، مخصوص سيٽون ۽ سينيٽ چونڊون اسان جو مطالبو آهي، جڏهن ته ملٽري ڪورٽس فيصلي خلاف اسان هر فورم تي وينداسين.

ڊسمبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو