بيدردي سان قتل ٿيل شھيد زاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سيوهڻ ۾ احتجاجي مظاهرو

سيوهڻ (رپورٽر) ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل شھيد زاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف امير البحر ويلفيئير ارگنائيزيش جي مرڪزي اڳواڻ پاران سيوهڻ پريس ڪلب آڏو احتجاج, جلد قاتل گرفتار ڪيا وڃن
ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي علي مير ملاح چيئرمين اميرالبحر ويلفيئير آرگنائزیشن، تفصیل موجب ڪراچي گلشن حديد واري علائقي ۾ 15 ڏينهن اڳ افغاني پٺاڻن ھٿانبيدردي سان قتل ٿي ويل شھيد زاھد ميراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف امير البحر ويلفيئير ارگنائيزيش جي چيئرمين علي مير ملاح جي اڳواڻي ۾ جھاز چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،
ريلي مختلف چونڪن کان ٿيندي پريس ڪلب سيوهڻ آڏو پھتي جتي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي ،ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي امير علي ملاح سڪندر ماجد ملاح، وڏيرو منور حسين ملاح ، سردار حاجي ايوب ملاح ،زاڪر حسين ڪلاتري ،۽ ٻين چيو ته شھيد زاھد ميراڻي جا اڃا تائين قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا آهن الٽو جيڪي مقتول نوجوان جي مالڪي ڪري احتجاج ڪن پيا ڪراچي پوليس انهن کي گرفتار ڪري رهي آهي
جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ڌماڻھون قتل ٿيو آهي ان جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي تنهن هوندي به سنڌ حڪومت قاتلن جي سپورٽ ڪندي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي رياست غير ملڪي افغاني پٺاڻن کي پٺ ڀيرائي ڪري رهي آهي جيڪڏھن ڪو سنڌي اگر ڪو اهڙو واقعيو ڪري ها ته ان جي سڄي خاندان کي گرفتار ڪيو وڃي ها ليڪن غير ملڪي افغاني قاتل گرفتار نہ ٿا ڪيا وڃن جيڪو سراسر سنڌي قوم سان ظلم ۽ بربريت آهي ڪراچي ۾ 17 کان 18 لک غير رجسٽرڊ افغاني پٺاڻ ترسيل آهن
ڪير به انهن کان پڇڻ وارو ناهي جنھن کي وڻي ان کي قتل ڪري ڇڏين ڪراچي پوليس افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گلشن حديد ۾ سندن علائقي ۾ گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پر افغاني پٺاڻن سرعام پوليس مٿان گوليون هلائي پوليس کي ڊوڙائي ڇڏيو سنڌ حڪومت سنڌي نوجوانن کي نوڪريون نه ڏنيون پر روزگار لاءِ ويل سنڌي نوجوان کي غير ملڪي افغاني پٺاڻ قتل ڪري ڇڏين ٿا ان جا قاتل گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن
هنن وڌيڪ چيو ته افغاني پٺاڻن جا سهولتڪار ٺاھ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن اسانجي مرڪزي قيادت ڪراچي گلشن حديد واري علائقي ۾ روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو هو پوليس ڳالهيون ڪيون مقتول نوجوان جي ٽيجهي تائين مھلت گھري ورتي هئي پر پوليس ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي
هنن بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته جلد افغاني پٺاڻن کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي شھيد زاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
ڊسمبر 24, 2024