حڪومت ۽ اپوزيشن جو ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، ايندڙ اجلاس ٻه جنوري تي ٿيندو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ ٻيو اجلاس ٻه جنوري تي ٿيندو جنهن ۾ اپوزيشن پنهنجو چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪندي.
حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن جي سربراهي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڪئي.
ڳالهين دوران حڪومتي اتحاد طرفان نائب وزير اعظم اسحاق ڊار، عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر، راجا پوريز اشرف ۽ فاروق ستار شامل هئا، جڏهن ته اپوزيشن طرفان اسد قيصر، حامد رضا، علامه ناصر عباس مذاڪراتي ڪميٽي جو حصو هئا.
ذريعن موجب، حڪومت ۽ اپوزيشن مذاڪراتي ڪميٽين طرفان ڳالهيون جاري رکڻ ۽ ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس ٻه جنوري تي سڏائڻ تي اتفاق ڪيو ويو .
ان کان اڳ سومر جي ڏينهن مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ پهرئين ان ڪئمرا اجلاس کي خطاب دوران اسپيڪر اياز صادق چيو ته مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بابت وزيراعظم جو قدم سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته حڪومت نيڪ نيتي سان اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، ڳالهين ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجڻ جهموريت کي مضبوط بڻائيندو، جهموريت ۾ ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن، عوامي نمائندي طور اسان کي عوامي مسئلن جو حل ڳولڻو آهي.
