نوشھروفيروز لڳ ٺاروشاهه ۾ شاگردن لاءِ اسڪول پاران راندين جو پرگرام منقعد

Spread the love

نوشھروفيروز  (رپورٽ: محمد عادل عباسي ) نوشھروفيروز ڀرسان ٺاروشاهه شھر ۾ اسڪولي شاگردن لاء اسڪول طرفان راندين جو پرگرام منقعد ڪيو ويو جنهن ۾  شاگردن جي صحت لاء بهتر نموني سان  اسڪولي شاگردن ۾ ذهني مقابلا پڻ ٿيا جنهن سان گڏوگڏ شاگردن راندين ۾ حصو ورتو راند ڪرڻ سان ٻارن ۾ ٽيلنٽ پيدا ٿيندو آھي

 هر اسڪول ۾ اهڙا پروگرام منعقد ٿيڻ کپن اهڙن خيالن جو اظهار سينئر هيڊ ماستر ڪريم بخش سيال , سينئر استاد غلام مرتضي ميمڻ, پروفيسر غلام شبير سهتو, رنائسنس پبلڪ اسڪول جي CEO مختيار علي سولنگي رنائسنس پبلڪ اسڪول ٺاروشاهه ۾ منعقد ڪيل هڪ پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو. ان موقعي تي وڌيڪ چوڻ ھيو ته تعليم کان بغير انسان انڌو آهي

 تعليم هر ماڻهو کي اونڌائي کان ٻاھر ڪڍي ٿي جيڪو تعليم جي زيور کان محروم آھي ان کان پڇو ته تعليم ڇا ھوندي آھي وڌيڪ استادن چيو ته اسان جو  فرض آهي ته پنهنجن اسڪول جي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيون ته ڪنهن سٺي مقام تي پھچايون جڏهن ته شاگردن ۾  ذهني آزمائش ۽ راندين جي مقابلن جا پروگرام ڪرايو ويو ۽  بهترين ڪارگردگي رکندڙ شاگردن کي ايوارڊ ۽ انعامن سان نوازيو ويو

جڏهن ته هن تقريب ۾ اسڪول جي پرنسپل شعبان علي, وائيس پرنسپل افضل عالماڻي, مس اقصا سيال ,خطاب ڪندي چيو ته اسان تعليم جي بهتري لاء جاکوڙي رهيا آهيون ۽ ٻارڙن ۾ بهترين ٽيلنٽ پيدا ڪرڻ لاء ٻارڙن لاء آزمائشي پروگرام سان گڏ ٻارن ۾ تقريري مقابلا ۽ ڪوئز مقبلا ڪرائيندا آهيون.

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو