سڪرنڊ: ڪراچيءَ ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل شهيد زاهد ميراڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان احتجاجي مظاهرو

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڪراچيءَ ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل شهيد زاهد ميراڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ سڪرنڊ طرفان سنيما چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي قربان ٻنڀ، مورڙو مير بحر، برڪت جلباڻي، علڻ سنڌي، ملاح فورم جي شفيع محمد ملاح، قلندر بخش ملاح ۽ اميرالبحر جي مرتضٰى ملاح ۽ ٻين گڏيل طور چيو ته نوجوان زاهد ميراڻيءَ کي ڪراچيءَ ۾ بيگناه شهيد ڪيو ويو ۽ اڃا تائين سندس قاتل آزاد گهمي رهيا آهن.

هنن چيو ته قانون جي ڪمزوريءَ سبب ٻاهران آيل ڌاريا ايترا طاقتور ٿي ويا آهن، جو سر عام قتل، ڦرون، منشيات اسمگل ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته شهيد زاهد ميراڻيءَ جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو