سڪرنڊ: سنڌ آ سڃاڻپ اسانجي عنوان سان رائيزنگ اسٽار اسڪولنگ سسٽم پاران ثقافت جو ڏھاڙو ملهايو ويو
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ آ سڃاڻپ اسانجي جي عنوان سان رائيزنگ اسٽار اسڪولنگ سسٽم سڪرنڊ پاران ثقافت جو ڏھاڙو پروقار نموني ملهايو ويو. اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي گيتن تي رقص، ٽيبلوز ۽ تقريرون ڪري پروگرام کي خوبصورت بڻايو.
ان موقعي تي استادن غلام نبي ڪيريو، جنيد اختر لاکو، مير محمد ڪيريو، مس سونيا، مس مسڪان، وحيد اختر لاکو ۽ شاگردن ڪنول انڙ، ڀوميڪا ايسراڻي، ماهين ڪيريو، فهد جمالي، تنوير زرداري، ساجده، مهڪ اوڏ ۽ ٻين پنهنجي الڳ الڳ تقريرن ۾ چيو ته سنڌ سموري دنيا کي مهذب بڻائڻ ۾ پنهنجو نمايان مقام رکي ٿي.
جڏھن ماڻھو غارن ۾ رهندا هئا، تن ڍڪڻ نه سکيا هئا، ڪچو گوشت کائيندا هئا، تڏھن سنڌ جا ماڻھو ڪپھ مان ڪپڙو ٺاهي، ڦيٿو، هر ۽ گهر جوڙي دنيا کي ترقيءَ جا رستا ٻڌايا. هنن چيو ته سنڌ اها سرزمين آهي. جتان امن، محبت، مهمان نوازي ۽ رواداريءَ جا پيغام دنيا تائين پهتا. هنن چيو ته سنڌ ابد تائين رهڻي آهي، جيڪي سنڌ طرف بد گمانيءَ سان نهاري رهيا آهن، اهي سکڻن خيالن جي دنيا ۾ رهي رهيا آهن.
انهن جا مڪروھ ۽ بد ارادا ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا. تقريب جي ڪارروائي شاگردن راهول اوڏ ۽ دِويا ايسراڻي هلائي. آخر ۾ سنڌ جي جمالي تي جهمر هڻي پروگرام جو اختتمام ڪيو ويو.
ڊسمبر 22, 2024