ميدان اندر ٻن شرپسندن سر عام بدمعاشي ڪندي مون مٿان حملو ڪيو: سيد ذاڪر حسين شاه
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ ) ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيو ايشن خيرپور جي صدر سيد ذاڪر حسين شاه سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هو ملڪ جي قومي راند هاڪي سان 1980 کان سلهاڙيل آهي خيرپور ضلعي اندر هاڪي راند جي رانديگرن جي فلاح ۽ بهبود لاء ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجا شاگرد هاڪي جي ميدان ۾ لاٿا آهن هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن گرائونڊ ۾ جڏھن ڀريل ميدان اندر ٻن شرپسندن عرفان ۽ مرتضي پاران سر عام بدمعاشي ڪندي مون مٿان حملو ڪيو
جنهن دوران هنن مونکي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته اسان سياسي پٺڀرائي وارا آهيون ۽ اوهان کي نقصان پهچائي ڇڏينداسين هن چيو ته هنن منهنجي موبائيل فون کسي مونکي ڌڪا ڏنا ۽ سگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون اھن هن ٻڌايو ته قومي راند هاڪي ۾ منهنجي ڏنل خدمتن تي ضلعي انتظاميه پاران ٻه ڀيرا منهنجو نالو سول ايوارڊ لاء به تجويز ڪيو هو مون ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا آهن جن جي سامهون منهنجي بيعزتي ڪئي آهي هن اعلي اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آهي.
ڊسمبر 22, 2024