سکر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌو درياء تي 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف بک هڙتال

Spread the love

سکر(رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ ) سکر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌو درياء تي 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان  24 ڪلاڪن جي بک هڙتال شروع ڪيو ويو.بک ھڙتال جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ، مختيار ميمڻ، بشير احمد لنڊ ،اصغر قريشي حاتن خان شر ۽ عيدن جاگيراڻي ڪئي جنھن ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياء تي ڪئنال ٺاھڻ  مطلب سنڌ کي سڪائڻ آھي. سنڌو درياء اسان جي ريڊ لائين آھي.سنڌو درياء جي جدوجھد پنھنجي جياپي جي جدوجھد آھي .سنڌ سان  ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ بند ڪيو وڃي .

سنڌ ۾ اڳ ئي وارا بندي تي ھلي پئي مٿان وري ڪئنال ٺاھي سنڌ کي مڪمل ختم ڪرڻ جي سازش سمجھون ٿا. پيپلز پارٽي منافقت واري سياست ڪري پئي ھوڏانھن  صدر آصف زرداري منظوري ڏئي پئي ۽ سنڌ حڪومت سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاء وزيرن کان ميڊيا جي اڳيان ڪئنالن خلاف بيان جي حد تائين مخالفت ڪري پئي.

اھو ڪٿان جو قانون آھي ته آباد زمينن کي غير آباد بڻائي ۽ غيرآباد زمين کي آباد بڻائي ڪجھ ڪمپنين کي فائدو ڏين پيا  سنڌو درياء تي سنڌي ڪڏھن به قبضو قبول نه ڪندا اسين مطالبو ڪيون پيا ته غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلي کي فلفور واپس ورتو وڃي.

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو