ڊسٽرڪٽ جيل نوشھروفيروز ۾ ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو 

Spread the love

نوشھروفيروز ( رپورٽ: محمد عادل عباسي ) ڊسٽرڪٽ جيل نوشھروفيروز ۾ ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو  ان پروگرام ۾ فنڪارن  گيت ڳائي قيدين کي  جھومائي ڇڏيو ۔

ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ جيل نوشھروفيروز جي سپريڊنٽ حماد خان چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ثقافت اسان جي قديم ھزارين سال پراڻي آھي ان ڏھاڙي کي گڏجي ملھائيندا آھيون خاص ڪري اجرڪ ۔ پٽڪو ۔ ٽوپي ان کان علاه سنڌي لباس سنڌ جي   اصلي ثقافت آھي قيدي جيل اندر ڊپريشن ۽ مايوسي جو شڪار ھوندا آھن جيل ھميشه اصلاح گھر ھوندا آھن اسان جي ڪوشش رھي آھي ته قيدين  سان سٺو ورتاء ڪري ھڪ سٺو انسان بڻائڻ جو درس ڏنو ويندو آھي

 قيدي اسان جا ڀائر آھن اسان جي ڪوشش آھي ته قيدين کي خوش رکڻ ۽ بھترين پروگرام آرگنائيز  ڪندا رھنداسين ۔ ان موقعي تي مھمان طور آيل نيشنل پريس ڪلب نوشھروفيروز جي صدر مولابخش مشوري ۔ ايم ظفر تڳر ۔محمد يونس راڄپر ۔ قاضي ذوالفقار علي۔ سھيل منگي ۽ ٻين آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ  پارايا ويا ۔

 بھترين  فنڪار بشير جتوئي ۔ مزاحيا فنڪار اڇڙو ڪيريو ۽ شاعر اديب ايم ظفر تڳر سنڌي گيت ٻڌائي قيدين کي جھومائي ڇڏيو ۔

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو