هر تعليمي اداري کي وقت جي تقاضائن مطابق سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي : شازيه ڪريم سنگھار

Spread the love

ملير (رپورٽ: قادر درس ) ميمبر سنڌ اسيمبلي  ۽ پارلياماني سيڪريٽري شازيه ڪريم سنگھار جي ڪوششن ۽ تجويز ڪيل اسڪيم تحت سنڌ جي تعليم واري وزارت پاران لياري جي سمورن اسڪولن ۾ پروجيڪٽر، فوٽو ڪاپيرز، ڊسپينسر لڳايا ويا آهن.

 فرنيچر ورهائڻ واري تقريب ۾ اڳوڻي صوبائي وزير پيپلزپارٽي ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري ضلعي ڏکڻ جي صدر جاويد ناگوري، ضلعي ايجوڪيشن سائوٿ آفيسر امتياز بگھيو، ٽائون ايجوڪيشن آفيسر آصف ٽانوري ۽ ايجوڪيشن آفيسرن جي خاص شرڪت مهمانن جو استقبال ڪيو.

 پي ايس ايف ڏکڻ جي صدر شهباز ملڪ، انيس سنگهار، سمورن اسڪولن جي هيڊ ماسترن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

  ان موقعي تي جاويد ناگوري، شازيه ڪريم سنگهار، امتياز ٻگھيو، آصف ٽانوري، شهباز ملڪ خطاب ڪيو.

 ان موقعي تي مقررين شازيه ڪريم سنگھار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شازيه ڪريم سنگھار پاران لياري ۾ اسڪولن کي سولر ڪرڻ جي جاري اسڪيم کانپوءِ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  آهي، ٻين نمائندن کي گهرجي ته هو مستقبل جي معمارن جي لاءِ اهڙي نموني ڪم ڪن جن سان ملڪ ۽ قومن جي مضبوطي وابسته آهي

 بلاشڪ اها ڪوشش چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ان خواب ۽ پيپلزپارٽي جي منشور جو تسلسل آهي ته تعليم سڀني لاءِ آهي ۽ هر تعليمي اداري کي وقت جي تقاضائن مطابق سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي.

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو