”روز موت جي دعا گُهرندو هيس“ هني سنگهه جو خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا هئڻ جو انڪشاف
مشهور ڀارتي ريپر ۽گلوڪار هني سنگهه انڪشاف ڪيو آهي هو ماضيءَ ۾ هاءِ پولرڊس آرڊر دوران پنهنجي لاءِ موت جي دعا گهرندو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، يو يو هني سنگهه جي زندگيءَ تي آڌاريل دستاويزي فلم آن لائين اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فلڪس تي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن پنهنجي ذهني حالت بابت ڪيئي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، هني سنگهه پنهنجي ڊاڪيومينٽري ۾ شاهه رخ خان سان گڏ ان خاص ٽور جو ذڪر ڪيو جنهن لاءِ هن ترت حامي ڀري ورتي هئي.
هني سگهه چيو ته ” شاهه رخ خان سان ها ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن ئي چئن ڏينهن جي دوري تي آمريڪا جي فلائيٽ تي هيس، ان ٽور دوران مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ڪيو ته مون کي ڪير ڦاسائڻ ۽ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سازش ڪري رهيو آهي، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ٿي رهيو آهي. “
هن ٻڌايو ته ” ان ئي دوري دوران ڪنهن اِها افواهه پکيڙي ته شاهه رخ خان هني سنگهه کي چماٽ وهائي ڪڍي آهي، شاهه رخ مون سان تمام گهڻو پيار ڪندو آهي، هو ڪڏهن به ائين نٿو ڪري سگهي، هو ته شڪاگو ۾ شو ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ چاهي پيو پر مان محسوس ڪري رهيو هيس ته ان شو دوران مري ويندس تنهنڪري مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو.“
هني سنگهه چيو ته “ ان کانپوءِ مان هڪ ٽرمر ورتو ۽ پنهنجا وار ڪوڙي ڇڏيا، جنهن بعد هن مون کي چيو ته اسان توکي ٽوپي پارائي وٺي وينداسين جنهن تي مان چيو ته نه هلندس ۽ پوءِ مان ڪافي سان ڀريل جڳ پنهنجي مٿي تي وهائي ڪڍيو.“
واضح رهي ته باءِ پولر ڊس آرڊر حقيقي مزاج ۾ تبديلي ۽ خرابي کي چيو ويندو آهي، ان بيماري ۾ مبتلا مريض جو موڊ يا ته انهتائي خوشگوار ٿي ويندو آهي يا وري انتهائي خراب ۽ اداسي جهڙي ڪيفيتون واضه ٿيڻ لڳنديون آهن.