تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ، اوقاف کاتي کي مشڪلاتون ۽ هر روز ٿيندڙ مسئلا
ثوبيا کوسو
سنڌ جي قديمي ۽ تاريخي ماڳن جي جيڪا حالت آهي انهيءَ کان سڀ واقف آهن، ڪافي جڳهن تي قبضا مافيا زمينن تي قبضا ڪري ويٺل آهي، ۽ سوين ايڪڙن تي ٻڌل تاريخي ماڳ هاڻ صرف چند ايڪڙن تائين اچي بيٺا آهن، سنڌ جي پاڪ سرزمين تي ڪيترائي تاريخي ماڳ آهن پر اڄ آئون تعلقي ماتلي ۽تعلقي چمبڙ جي بارڊر تي گلاب لغاري کان اتر طرف ۽ چمبڙ کان ڏکڻ طرف هڪ تاريخي ۽ قديمي ماڳ جو ذڪر ڪنديس اهو تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ المعروف اگهاماڻو آهي.
جيئن ته اها درگاهه اوقاف کاتي وارن جي حوالي ٿي آهي ته اوقاف کاتي وارا ڪافي عرصي کان اها درگاهه ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر علائقي جي ڪجهه ماڻهن جي اعتراض سبب انهيءَ درگاهه جو ڪم هر دفعي اڌ ۾ ئي رهجي ويندو آهي، ۽ ڪجهه ڏينهن کان هڪ دفعو ٻيهر جڏهن اوقاف کاتي درگاهه جو ڪم ڪرائڻ چاهيو ته ان تي ڪجهه مذهبي ڌرين اعتراض واريو ۽ الزام هنيو ته اوقاف وارا قبرستان جي کوٽائي پيا ڪن، مطلب ته قبرون مسمار پيا ڪن ۽ اتي درگاهه جو ڪم پيا ڪرائن ۽ انهن ڌرڻي جو اعلان به ڪيو پر پريس ڪلب سامهون چند ماڻهو گڏ ڪري سگهيا .
19ڊسمبر تي درگاهه معصومهء سنڌ بيبي ماھم سلام الله عليھا جي درگاہ ويجھو گاڏين جي اسٽينڊ واري خالي ميدان تي اوقاف کاتي جي آفيس واري تعميراتي ڪم جي شروعات ڪرائي وئي ته علائقي ۾ گذريل چند سالن کان مذھبي انتشار ۽ فساد پکيڙڻ لاءِ مسلسل مصروفِ عمل 4-5 ڄاتل سڃاتل شرپسندن اتي ڪم ڪندڙ عملي کي ڌمڪايو ۽ ساڻن وڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کان پوءِ انھن ڪجھ ماڻھو گڏ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ سرڪاري ڪم ۾ رُخنو وجھي زبردستي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو۔ انھن ئي ماڻھن پاران جمع 20 ڊسمبر 2024 تي ھڪ پابندي مڙھيل مذھبي تنظيم جي اڳواڻيءَ ۾ گلاب لغاري شھر ۾ ھڙتال ۽ احتجاجي مظاھري کان پوءِ بيبي پاڪ جي مزارِ تي ڌرڻو ھڻڻ جو به اعلان ڪيو ويو آھي۔ ھي 4-5 ڄڻن تي ٻڌل گروهه آھي جيڪو گذريل 6-7 سالن کان اتي ڪو وڏو مذھبي فساد ڪرائڻ لاءِ مسلسل سرگرمِ عمل آھي، ھي ڪڏھن بيبي پاڪ جي مزار تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ زائرين کي مختلف حربن ذريعي تنگ ۽ هراسان ڪري، سندن تذليل ڪري سندن اتي آمد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندا رھيا آھن، ان جي باوجود به سڄي ملڪ مان ايندڙ زائرين وارو سلسلو جاري آھي ته انھن زائرين کي هراسان ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ ٻيا حربا پڻ استعمال ڪيا آھن جنهن سبب صورتحال ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي رھي آھي.
مقامي سلجھيل ماڻھن ڪوششون وٺي سندن ان سازش کي به ناڪام بڻايو۔ جنھن کان پوءِ ھنن ھڪ پابندي مڙھيل مذھبي تنظيم وارن کي سڏائي گلاب لغاري شھر ۾ ھڙتال ڪرائي، ڌرڻا ھنيا ۽ گلاب لغاري شھر کان اگھم ڪوٽ ۾ واقع بيبي پاڪ جي درگاه تائين ريليون ڪڍي نه صرف اشتعال انگيز نعري بازي ڪئي پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل زائرين کي ڌمڪائي واپس موٽي وڃڻ تي مجبور ڪيو پر انتظامي طور تي سندن خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي عمل ۾ نه آئي .
ان جي ڪجھه عرصي کان پوءِ اوقاف کاتي سنڌ درگاهه تي تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ته ھنن رات وچ ۾ ان رستي تي 7 کان وڌيڪ فرضي قبرون ٺاھي ڇڏيون جنھن رستي تان تعميراتي ميٽيريل درگاه تائين اچڻو ھو، نتيجي ۾ اھو اڏاوتي ڪم بند ٿي ويو۔ ڪجهه مھينا اڳ سنڌ حڪومت بيبي ماھم جي روضي وارو پراجيڪٽ منظور ڪيو ۽ اڃان ڪم شروع ئي ڪرايو ھو ته ھنن ٻيھر ان ٻئي رستي تي به رات وچ ۾ 24 فرضي قبرون ٺاھي ڇڏيون جتان تعميراتي ميٽيريل درگاه تائين اچڻو ھو، جنھن سبب اڃان تائين ان اڏاوتي پراجيڪٽ تي به ڪم بند آھي۔ اڄ جڏھن اوقاف کاتي سنڌ پاران اتي گاڏين جي اسٽينڊ واري خالي ميدان ۾ آفيس جي تعمير وارو ڪم شروع ڪرايو ويو ته ھنن ھڪ ڀيرو وري پنھنجي حرڪتن کي جاري رکندي ڪو نئون مذھبي فساد پکيڙڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آھن.
جڏهن مون انهيءَ سڄي معاملي تي سروي ڪئي اعتراض ڪندڙن ۽ حمايت ڪندڙن جا فيس بڪ اڪائونٽ چيڪ ڪيا ته خبر پئي ته ڪافي ماڻهو اهو نٿا چاهن ته اها درگاهه تعمير ٿئي ۽ اهي اهو به نٿا چاهن ته ڪو اوقاف کاتي جون آفيسون اتي تعمير ٿين، سمورو مسئلو اهو ئي آهي، جڏهن هتي بيبي ماهم صه جي درگاهه نه هئي تڏهن اگهم ڪوٽ هڪ ويراني جو ڏيک ڏيندو هو،اتي ڪير به اچڻ لاءِ تيار نه هو، پر هاڻي اها حالت آهي جو هر روز ڪيترائي ماڻهو ايندا آهن ۽ مقامي ماڻهن کي اتي روزگار مليو آهي، مونکي هڪ ڳالهه جي حيرت ٿيندي آهي ته اوقاف کاتي خلاف ڳالهائيندڙ اگهم ڪوٽ جي انهيءَ زمين جي باري ۾ ڇو نٿا ڳالهائن جنهن زمين تي مقامي وڏيرن جا قبضا آهن، اگهم ڪوٽ جي وچ مان پڪا واٽر ڪورس به ڪڍيا ويا آهن، جنهن جو ذڪر پهرين به آئون پنهنجي تفصيلي نيوز رپورٽ ۾ ڪري چڪي آهيان.
علائقي جا ڪافي ماڻهو اوقاف کاتي طرفان درگاهه ٺهرائڻ جي حمايت ۾ آهن ۽ اهي چون ٿا ته درگاهون ٺهي راس ٿيندي ته اتي مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو، دڪان ٺهندا، گاڏا لڳندا ، سموري ملڪ جا ماڻهو زيارتن تي ايندا ته شهر ۾ موجود هوٽلن تي ماني وغيره کائيندا ۽ شهر ترقي ڪندو.
ڊسمبر 22, 2024