وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ورتي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ڪميٽي جي ميمبرن جي نالن جو به اعلان ڪيو آهي.

جوڙيل ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، سينيٽر عرفان صديقي جا نالا شامل آهن.

انکانسواءِ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽ چوڌري سالڪ حسين به ڪميٽي ۾ شامل هوندا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم حڪومتي اتحاد جي ڪميٽي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي جوڙي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڳالهين ۾ ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن کي ترجيح ڏني ويندي.

وزيراعظم شهابز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان آهي ته اسان سڀ به آهيون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

ڊسمبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو