نوجوان شاگرد تاج محمد عرف اطهر پنهور جي آزدي لاءِ جسقم جي ساٿين پاران احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جيئي سنڌ قومي محاذ دادو جي سماجي ڪارڪنن کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد تاج محمد عرف اطهر پنهور جي آزدي ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تان کنڀي گم ڪيل نوجوان بلاول چانڊيو سميت کنڀي گم ڪيل سنڌ مان نوجوانن جي آزادي لاءِ جسقم جي ساٿين علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان دادو پريس ڪلب تائين هٿن ۾ کنڀيل نوجوانن جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو،
جنهن جي اڳواڻي آٰءِ بي کوسو، ساحل پنهور، شان مري، مشتاق منگي، حيدر ڏاوڇ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا مظاهرين چيف جسٽس آف سنڌ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو،
ڊسمبر 21, 2024