سکر: آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي حلف برداري جي پروقار تقريب

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) – آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن پاڪستان جي مرڪزي نو منتخب عهديدارن جي حلف برداري جي پروقار تقريب ملتان ۾ منعقد ٿي. ان اهم موقع تي، فيڊريشن جي نون منتخب عهديدارن جن ۾ سيد ذوالفقار شاهه (مرڪزي چيئرمين)، ملڪ نويد اعوان (صدر)، ملڪ نصيرالدين همايون (جنرل سيڪريٽري) ۽ علي مردان شيخ (ڊپٽي جنرل سيڪريٽري) سميت ٻيا عهديدارن حلف ورتو.

تقريب ۾ مهمان خاص طور تي سيد مجتبيٰ علي گيلاني، چيئرمين سينٽ آف پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني جا ڀاءُ، موجود هئا. ان کان علاوه، سينٽر رانا محمود الحسن، چيئرمين قائمہ ڪاميٽي براءِ اسٽيبلشمينٽ، به مهمان خاص طور تي شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب جي صدارت فيڊريشن جي قائم مقام صدر رسول بخش شاهاني (لاڙڪاڻو) ڪئي.

سيد ذوالفقار شاهه، فيڊريشن جي چيئرمين، پنهنجي خطاب ۾ پنجاب، سنڌ ۽ پورا پاڪستان ۾ بلدياتي ملازمن کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪيو. هن پنجاب حڪومت طرفان ملازمن ۽ پنشنرز خلاف جاري ٿيل نوٽيفڪيشنن جي سخت مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته انهن نوٽيفڪيشنن کي واپس ورتو وڃي. سيد ذوالفقار شاهه پڻ سينٽري ورڪرز جي مستقل ملازمت لاءِ آواز بلند ڪئي ۽ انهن جي ڊيلي ويجز ڀرتين کي غلطي قرار ڏنو.

مهمانِ خاص سيد مجتبيٰ علي گيلاني پنهنجي خطاب ۾ ملازمن جي مطالبن کي جائز قرار ڏنو ۽ چيو ته حڪومت سان گڏ ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنداسين. هن فيڊريشن کي صلاح ڏني ته هڪ ڪميٽي مقرر ڪري جيڪا مسلسل حڪومتي سطح تي رابطو برقرار رکي ۽ ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

حلف برداري جي دوران، فيڊريشن جي نو منتخب عهديدار اهڃاڻ ڏنو ته اهي بلدياتي ملازمن جي حقوق لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندا ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. فيڊريشن جي ايوانن ۾ اتحاد ۽ اتفاق برقرار رکڻ ۽ ملازمن جي حقوق جي دفاع ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو