سکر : مسمات ناھيد مھر پاران  معصوم ٻارڙن سميت بااثر ڏير خلاف احتجاج

Spread the love

سکر (رپورٽ ماجد منگي ) سکر جي رهواسڻ مسمات ناھيد مھر معصوم ٻارڙن سميت بااثر ڏير خلاف سکر  پريس اڏو احتجاج ڪيو ويو ، نا موقعي تي مسمات ناھيد صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ھڪ سال اڳ منھنجي مڙس سيپڪو ملازم عبداللطيف مھر کي ڏير ھاشم مھر قتل ڪري ڇڏيو آھي ،

جڏھن ته  ھاڻي رڪن لکي غلام شاھ ۾  منھنجي مڙس جي ملڪيت ۽ گھر تي قبضو ڪيو آھي ء منجي ۽ منھنجي ٻارن کي بي گھر ڪري ڇڏيو آھي ، منھنجا معصوم ٻارڙا دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ، ھ

ن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ ، آئي جي سنڌ پوليس ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ، ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته جوابدار ڏير ھاشم مھر کي گرفتار ڪري ملڪيت ء گھر تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو