سياسي روح روليندڙ پير ڳاري جو روحاني سفر
مسرور سيال
سنڌ جي حر جماعت جي روحاني مرشد پير صاحب پاڳارو جيڪو روحاني درگاھ ھجڻ جي باوجود سياسي فڪر رکندڙ به آھي سندن تاريخ طويل آھي انگريزن خلاف حر تحريڪ جو ڪردار روشن ۽ واضح آھي جيتوڻيڪ مذھبي اعتبار سان ھڪ مڪتب فڪر جي پوئواري ڪندڙ آھن پر سندن ھاڻ ڪردار گھڻي قدر رواداري وارو رھيو آھي وٽن اھا مذھب پڻو ۽ ڪٽرپڻو ناھي رھيو تنھن ڪري ھن درگاھ جو احترام ھر مڪتب فڪر وارو ڪري ٿو جڏھن ته غير مسلم به سندن احترام جا جھول ڀري بيٺل نظر اچن . اڳ پير پاڳارو پنھنجي درگاھ تائين محدود ھوندو ھو مريد وٽس ويندا ھئا ۽ کين ديدار ڪرائيندو ھو جڏھن ته پھرين مرشد مريدن وٽ ويندو ھو ۽ سندن ويڙھن جي آڳند ۾ دعائون گھرندو ھو ، ھن روايت جي شايد موجوده پير پاڳاري قائم رکڻ جو ارادو ڪيو ۽ روحاني سفر لاءِ نڪري پيو پاڻ سانگھڙ ضلعي ، امر ڪوٽ کان ٿيندا سکر لاڙڪاڻي به پھتا آھن .
سانگھڙ ۽ امرڪوٽ ۾ سندس اجتماع ۾ لکن جي تعداد ۾ مريد شريڪ ٿيا . سندن نظم و ضبط شاندار رھيو . جيڪا ڳالھ آھي اھا ھي ته پيرصاحب پاڳارو جيڪي خطاب ڪيا اھي غير سياسي ھئا ھن روحاني سفر کي روحاني حيثيت ۾ برقرار رکيو جيڪا وڏي ڳالهھ آھي . پاڻ ڪا به اھڙي ڳالهھ نه ڪيائون جنھن سان ڪنھن جي دل آزاري ٿئي يا بدنظمي جنم وٺي . نياڻين جي تعليم تي زور ڏنائون ، ٻچا پڙھائڻ جون ھدايتون ڪيائون ، الله ۽ رسول صه جن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو بار بار ورجاءُ ڪيائون ، اوڙي پاڙي سان ڀائيچاري سان رھڻ جون ھدايتون ڏنائون . انسان ذات کي اھميت ڏيڻ واري اسلامي ديني پيغام کي بيان ڪيائون .
ھن روحاني سفر ۾ مون ھڪ خاموش سياسي ھلچل پڻ محسوس ڪئي آھي جنھن سياسي روحن کي رولي ڇڏيو آھي . پير صاحب پاڳاري پنھنجي جماعت کي منظم ڪرڻ ، مريدن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ ۽ بنا ڪنھن وڏن اھتمامن ۽ پروپگينڊا جي لکين ماڻھن جو مختلف شھرن ۾ گڏ ٿيڻ ھڪ وڏي عوامي طاقت جو شو پڻ آھي . حقيقت ۾ ھن جي ضرورت به آھي جيڪڏھن اھا سگھ سياسي بڻجي ميدان تي اچي ته سنڌ ۾ وڏي تبديلي کي ڪير به روڪي نٿو سگھي .
پير صاحب پاڳاري فوج ۽ ملڪ جو ساٿ ڏيڻ واري جملن کي وڏي پختي ۽ زوردار لھجي ۾ چيو آھي ، جيڪا سندن سياسي پاليسي رھي آھي. آءُ سمجھان ٿو ته ايندڙ وقتن ۾ ھن روحاني سفر جا وڏا اثر پڻ پوڻا آھن ۽ ممڪن آھي پير صاحب پاڳارو پنھنجي حر جماعت منظم ڪري ڪنھن سياسي سفر جو به آغاز نه ڪن ۽ کيس ڪرڻ به گھرجي . ھن وقت سنڌ کي مضبوط سياسي پليت فارم جي ضرورت آھي جيڪا پير صاحب پاڳاري جي عملي طور موجودگي سان ممڪن آھي .
ڊسمبر 21, 2024