افغانستان مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا، فوجي جوان شهيد

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز افغانستان مان خوارجي ٽولي جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، خيبر ضلعي علائقي رجگال ۾ پاڪ افغان سرحد وٽان خوراج ٽولي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي جي فوري ڪارروائي ۾ چار خارجي مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 22 ورهين جو سپگاهي عامر سهيل آفريدي شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان عبوري افغان حڪومت کان چوندو رهيو آهي ته سرحد جي ڀرپاسي اثرائتي بارڊر مئنيجمينٽ يقيني بڻائي، اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ خوارج کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهن، بهادر سپاهين جون قربانون اسان جو عزم وڌيڪ پختو بڻائن ٿيون.

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو