9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي سزائون، پي ٽي آءِ جو ردعمل اچي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب فوجي عدالتن طرفان سزائن اعلان تي ردعمل ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ عمر ايوب جو چوڻ هو ته فوجي عدالت مان عام شهرين جي خلاف سزائن کي رد ڪيون ٿا، پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن کي ٻڌايل سزائون انصاف جي اصولن جي ابتڙ آهن.
هن وڌيڪ چيو ته گرفتار ماڻهو عام شهري آهن، فوجي عدالتن ۾ ڪيس نه ٿو هلائي سگهجي.
واضح رهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 جوابدارن کي فوجي عدالتن طرفان ٻن کان ڏهن سالن تائين سخت پورهئي سان قيد جون سزائون ٻڌايون آهن.