انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي سرڪاري ملازم کي ترقي نه ڏيڻ وارو مامرو، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انٽيليجنس رپورٽس جي بنياد تي آفيسر کي گريڊ 20 مان 21 ۾ ترقي نه ڏيڻ وارو سينٽرل سليڪشن بورڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز اسحاق درخواست گذار محمد طاهر حسن جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالتي فيصلي ۾ چيوويو آهي ته سينٽرل سليڪشن بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ درخواست گذار محمد طاهر حسن جي ترقي کي سول سرونٽس پروموشن رولز تحت غور هيٺ آندو وڃي.
عدالت چيو ته بورڊ اهڙي انٽيليجنس رپورٽ جي پرواهه نه ڪري جنهن ۾ آفيسر کي کاتي جي سطح تي پنهنجي دفاع جو موقعو نه مليو هجي.
فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي اِها حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته قابل وزيراعظم لاپرواهي سبب اهڙو ڪجهه ڪيئن ٿيڻ ڏئي سگهي ٿو ؟ بيوروڪريسي کي ثبوت بنا اهڙي انٽيليجنس رپورٽس جي رحم ڪرم تي ڪيئن ڇڏي سگهجي ٿو؟ اهڙين حالتن ۾ وزيراعظم بيورو ڪريسي مان حڪومت جي خدمت جي اميد ڪيئن رکي سگهي ٿو.