مدرسن جي رجسٽريشن وارو معاملو، حڪومت سمورا مطالبا مڃي ورتا

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، حڪومت اتحاد تنظيمات مدارس جا سڀ مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن.
ذريعن موجب، اِها اڳڀرائي مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم سان ملاقات دوران ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت اتحاد تنظيمات مدارس جا سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن.
ذريعن موجب، حڪومت مدرسن جي رجسٽريشن سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860 تحت ئي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
ذريعن موجب، 26 هين آئيني ترميم جي روشني ۾ پاس ڪيل ڊرافٽ تي نوٽيفڪيشن ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ٿيندو.

ڊسمبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو