وڳڻ: ٻن سڳن ڀائرن وچ ۾معمولي ڳالھ تان جيھڙو، وڏو ڀاءُ زخمي

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: علي گل مغيري ) وڳڻ جي رھواسي ٻن سڳن ڀائرن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جيھڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ وڏو ڀاءُ زخمي ٿي پيو

پراڻي بازار جي رھواسي نذير شاھ وڳڻ ٿاڻي تي پھچي پوليس اڳيان شڪايت ڪئي ته مان ستو پيو ھيس ته ننڍو ڀاءُ سڪندر شاھ آري بليڊ کڻي اچي مون کي ڪھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي مان رڙيون ڪيون ته پاڙي وارا جلدي پھچي ويا

جنھن بعد ننڍو ڀاءُ سڪندر شاھ مون کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو مان سندس خلاف فرياد کڻي پھتو آھيان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي پوليس زخمي کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال موڪلي ڇڏيو

 ھوڏانھن شھرين جو چوڻ ھو ته نذير شاھ ۽ سڪندر شاھ گھر جي پلاٽ تان جھيڙا ڪندا رھندا ھئا اڄ اوچتو گھر ۾ دانھون ٿيون اسان پھتاسين ته نذير شاھ زخمي پيو ھو جنھن کي اسان کڻي پوليس وٽ پھچايو آھي.

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو