دادو: دڙو روڊ واسي حسين جمالي پاران احتجاجن پنهنجي خاندان جي 5 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شهر جي دڙو روڊ جي رهواسي حسين جمالي پاران احتجاجن پنهنجي خاندان جي 5 کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو،

اهڙي عمل خلاف پوليو جون ٽيمون حسين جمالي وٽ پهچي ويون ۽ کيس منٿون ڪندي چيو ته هي قومي فرض آهي اسان کي پورو ڪرڻ ڏيو معصوم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريون، پر حسين جمالي انڪار ڪري ڇڏيو

 جيسيتائين او پي پي ايل تيل ۽ گئس ڪمپني کان اسان جي زمينن جي معاوضي جي رقم نه ڏياري ويندي، تيسيتائين پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين ، اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله وڳڻ حسين جمالي وٽ پهتو ته ٻارن کي ڦڙا پياريو، حسين جمالي اسسٽنٽ ڪمشنر کي واپس ڪري ڇڏيو،

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو