سکر: شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

Spread the love

سکر (  رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا، فريادي ڌر فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ملڻ گھرجي ها

مولانا راشد محمود سومرو ۽ ناصر محمود سومرو پنهنجي ڪارڪنن کي روهڙي ۾ خطاب ڪندي چيو ته جي يو آءِ سنڌ عدالتي فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪندي اي ٽي سي جج ۽ جوابدارن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

مولانا راشد محمود سومرو چيو ته شايد حڪومت انصاف ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، ۽ ججن کي ٻڌايو ته نسلن تائين انصاف لاءِ وڙهنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ جهيڙن ۽ قبيلائي دهشتگردي جو ذميوار عدليه آهي، ڇو ته ماڻهن کي هٿيار کڻڻ جي اجازت عدليه ۽ ججن جي خاموشي سبب آهي. 

سومرو وڌيڪ چيو ته انصاف، قانون ۽ شريعت مطابق، جڏهن ڏوهه ثابت ٿئي ته قتل جو بدلو قتل هجڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن ڦاهي جي سزا نه ڏني وڃي، ته ان مان انصاف جو قتل ٿي وڃي ٿو. 

مولانا ناصر محمود سومرو پڻ چيو ته عدالت جو فيصلو اڻپورو آهي، ۽ جيڪڏهن جوابدارن کان قتل جو ثابت ٿي ويو آهي، ته انهن کي ڦاهي جي سزا ملڻ گهرجي ها. ان حوالي سان، فريادي ڌر فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو ارادو رکيو آهي.

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو