سڪرنڊ  لڳ ڪچي جي زمين تان ٻه سال اڳ ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي جو فيصلو

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ( سڪرنڊ  ڀرسان ڳوٺ نقر ۾ ڪچي جي زمين تان ٻه سال اڳ ڪيريا ۽ لاکا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو جنھن ۾ محمد اسلم لاکو قتل ٿي ويو ھو جنھن جو جرڳو ڪوٽڙي جي ڊسٽرڪٽ هال ۾ سردار حاڪم نوحاڻي جي  سرپنچي ۾  ٿي گذريو ۔

فيصلي جا امين سردار عبدالستار ڪيريو , سردار زرار لاکو , ايم پي اي غلام قادر چانڊيو , حاجي الهه بخش لاکو  ۽ ٻيا هئا, جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد محمد اسلم لاکو جو خون ثابت ٿيڻ تي سڪرنڊ جي ڳوٺ تلي جي رھواسي عبدالرزاق ڪيريو جي ڌر تي 84 لک 75 ھزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو

جڏھن ته لاکا ڌر جي شديد زخمي بخشو لاکو جا 15 لک جڏھن ته ڪيريا برادري جي زخمي محمد يوسف ڪيريو ۔ عبدالخالق ڪيريو ۽ آفتاب ڪيريو جا 11 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو  مجموعي طور  ھڪ ڪروڙ ڏھ لک پنجھتر ھزار روپيا مقرر ڪيو ويو جنھن ڪيريا برادري جي عبدالرزاق ڪيريو جي ڌر تي 99 لک  75 ھزار روپيا ڏنڊ رکيو ويو

جڏھن ته لاکا برادري جي حاجي خان لاکو جي ڌر تي  زخمين جا 11 لک ڏنڊ رکيو ويو  جڏھن ته فتوا اچڻ تي لاکا برادري جي حاجي خان لاکو ۽ ڪيريا برادري جي عبدالرزاق ڪيريو پاران فيصلو قبول ڪيو ويو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۔ جڏھن ته تڪراري زمين  چڪائڻ بعد امينن جي نگراني ۾  لاکا برادري جي حوالي ڪئي ويندي۔

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو