سکر : پاڪستان معاشي طور بھتري طرف وڃي رھيو آھي : سيد ناصر حسين شاھ
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ ) ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل ۾ سالياني يارهين والدين جي ڏهاڙي واري تقريب ۾ سيد ناصر حسين شاھ خطاب ڪندي چيو ته تعليم ھر قوم جو بنياد آھي جنھن کانسواءِ ڪابه قوم خوشحالي نه ٿي ماڻي سگھي,
مون کي فخر آھي ته اڄ مان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل ۾ والدين واري ڏھاڙي جي تقريب ۾ موجود آھيان, والدين لاءِ اڄ وڏو ڏينھن ۽ شاگردن لاءِ فخر واري ڳالھ آھي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ڪيڊٽس جي قابليت ، جذبي ۽ والدين جي محنت جو نتيجو آھي. هن چيو ته منھنجو فرزند پڻ ڪيڊٽ رھيو آھي
والدين کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو, اوھين سڀ اسان جي لاءِ اھم آھيو ، ڪيڊٽ اسان جي ملڪ جو مستقبل آھن اوھان کي ئي اڳتي اچي ملڪ کي ھلائڻو آھي.
سنڌ حڪومت صوبي ۾ سمورن ڪيڊٽ ڪاليجن کي ڀرپور نموني سپورٽ ڪري رھي آھي ته جيئن نئي نسل کي معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪري سگھجن, 2008 ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر پاران قائم ڪيو ويو ،
ان وقت آءٌ ڊسٽرڪٽ ناظم سکر ھيس, ڪيڊٽ ڪاليج جي قيام ۾ ان وقت جي وزير اعلي سنڌ مرحوم سردار علي محمد خان مھر جون پڻ وڏيون ڪاوشون آھن, پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ رڪن قومي اسيمبليء سيد خورشيد احمد شاھ پڻ ھن ڪاليج جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.
سنڌ حڪومت پنوعاقل ڪيڊٽ ڪاليج جي ھميشہ سپورٽ ڪئي آھي ۽ اڳتي به ڪنداسين. صوبائي وزير چيو ته بطور توانائي واري صوبائي وزير ڪيڊٽ ڪاليج جي سولرائزيشن جو اعلان ڪيان ٿو ۽ ان تي عملدرآمد تيز ڪيو ويندو,
ڪاليج ۾ وڌيڪ سھولتن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ وزير اعلي سنڌ سامھون گذارشون رکندس. پاڪستان معاشي طور تي گھڻي بھتري طرف وڃي رھيو آھي سوشل ميڊيا تي جيڪي خبرون ھلي رھيون آھن ،
انھن تي ڌيان نه ڏيو, تازو ئي ملڪ م ايس سي او سميت انٽرنيشنل ايونٽ منعقد ٿيا آھن ، جنھن ۾ مختلف ملڪن جي سربراهن سميت وزيراعظم ۽ اعلي وفدن شرڪت ڪئي آھي.
هن چيو ته دنيا سمجھي ٿي ته پاڪستان ۾ وڏو پوٽينشل آھي ، ۽ وڏي سيڙپ پڻ آڻي رھيا آھن پاڪستان بھتري طرف وڃي رھيو آھي ۽ پاڪستان ھميشہ قائم رھندو.
ڊسمبر 20, 2024