ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي باڊهه ۾ شٽربند هڙتال: ڪارڪنن طرفان احتجاجي ريلي
باڊھ:( رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي باڊھ ۾ شٽربند هڙتال ڪري ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ اصغر نوناري، محمد قاسم چنه، ڪامريڊ منور نوناري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
مظاهري ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان وابسته اڳواڻن ڪامريڊ مرتضيٰ گوپانگ، ڪامريڊ دودو ديشي، زيب ساريو، جاويد گودڙائي، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، لالا عبدالغفور ساريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي منور نوناري، اصغر نوناري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءُ سنڌ جي زرعي معيشت سميت سنڌ جو جياپو آهي جنهن مان ڪئنال قطعي ڪڍڻ ڪونه ڏينداسين.
هنن چيو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بنائڻ واري سازش جو سنڌي ڀرپور مقابلو ڪندا ۽ ان سازش کي ناڪام بڻائيندا. هنن چيو ته پ پ پ حڪومت جي خاموشي مان اهو واضح ٿئي پيو ته اها ان ڪئنالن واري سازش ۾ ملوث آهي. اسين سنڌ حڪومت جي انهيءَ سازش جي مذمت ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته فورن سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو ڪم بند ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.
ڊسمبر 20, 2024