بابر اعظم، ڌونيءَ کان اهم اعزاز کسي ورتو
ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر بابر اعظم اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهندر سنگهه ڌونيءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
خميس جي ڏينهن پاڪستان ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽڻ ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ 81 رنسن سان ڪاميابي ماڻي ، جنهن بعد پاڪستان سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 49.5 اوورن ۾ 329 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن ۾ بابر اعظم 73، محمد رضوان 80 ۽ ڪامران غلام 63 رنسن سان نمايان رهيا. ڏکڻ آفريڪا 330 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 248 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ٻي ون ڊي ميچ ۾ ففٽي اسڪور ڪرڻ کان پوءِ بابر اعظم، SENA ملڪن (ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا) خلاف سڀني فارميٽس ۾ سڀ کان وڌيڪ ففٽيون اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
بابر اعظم هن وقت تائين SENA ملڪن خلاف 39 اڌ سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پهريان اهو رڪارڊ ڀارتي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني وٽ هو، جنهن 38 ففٽيون اسڪور ڪيون هيون.