يونان ۾ ٻيڙي حادثو ۽ حڪومت جي ذميواري
نديم علي خواجا
ميڊيا جي ڄاڻ مطابق هڪ ڀيرو ٻيهر يونان ۾ ٻيڙي سمندر ۾ ٻڏي ويئي آھي، جنهن جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ پاڪستاني موت جي آغوش ۾ سمهي رهيا آھن، انهن پاڪستانين جو تعلق صوبي پنجاب جي مختلف علائقن سان آھي، انهي کان اڳ پڻ اهڙا واقعا ٿي چڪا آھن، جنهن ۾ سوين پاڪستاني جن جو تعلق مختلف صوبن سان آھي، ٻڏي چڪا آھن، اٽلي ۽ يونان جي وچ ۾ سمنڊ اندر انهيءَ پيش ايندڙ واقعي جي حڪومت پاڪستان پاران تحقيقات پڻ شروع ٿي ويئي آھي، ۽ هر واقعي کانپوءِ ئي جانچ جو اعلان ٿيندو آھي، پر نتيجو ڪجهھ به نه نڪرندو آھي، ۽ انساني جانيون ضايع ٿينديون رهنديون آھن، شروعاتي رپورٽ جيڪا فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آئي اي) حڪومت کي ڏني آھي تنهن ۾ اهو چيو ويو آھي ته بدنصيب ٻيڙي جا مسافر دبئي جي ويزا وٺي ملڪ جي مختلف ائير پورٽن تان دبئي پهچي ويا، جن کي مصر پهچايو ويو، جتان انهن کي يورپ کڻي وڃڻ جو منصوبو هو، رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آھي ته ڪيترائي پاڪستاني انساني اسمگلرن جي دوکي ۾ اچي لکين روپيا خرچ ڪري وزٽ ويزا حاصل ڪري دبئي پهتا، انهن پاڪستانين کي قانون مطابق ئي دوبئي موڪليو ويو، جنهن ڪري ايئرپورٽ تي انهن کي ڪنهن به روڪڻ جي زحمت نه ڪئي، جنهن کان پوء انهن شهرين کي مصر ۽ لبيا منتقل ڪيو ويو، آزاد ذريعن مان اهو به معلوم ٿيو آھي ته بحريه روم ۾ پيش ايندڙ انهي واقعي ۾ چار سئو پاڪستانين سميت اٺ سئو ماڻھون حادثي جو شڪار ٿيا آھن، انهيءَ حادثي کان پوءِ ملڪ جي سڀني ايئرپورٽن کي اها هدايت ڪئي ويئي آھي ته جيڪي به پاڪستاني لبيا سميت اهڙن ملڪن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، جتي روزگار جو ڪوبه امڪان نه آھي، تن سان سخت جانچ ڪئي وڃي ته هو ڇو لبيا يا ٻين ملڪن ۾ وڃڻ چاهين ٿا، ڇوته اڪثر پاڪستاني انهن ملڪن مان ئي غير قانوني طور تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پنجاب جي مختلف علائقن ۾ موجود انساني اسمگلر هاڻي دوبئي کان مصر جو رستو اختيار ڪري رهيا آھن.
وزير اعظم ميان شھباز شريف جي هدايت کانپوءِ يونان ۾ پاڪستاني سفارتخاني اندر هڪ خصوصي ڪاونٽر قائم ڪيو ويو آھي، ته جيئن فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي شناخت ڪري سندن وارثن کي آگاھ ڪري سگهجي، ايشيا ۽ آفريقه جا اڪثر ماڻهون روزگار سبب غير قانوني طور تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، پر هو حادثي جو شڪار ٿي ويندا آھن، هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر پاڪستاني غير قانوني رستو اختيار ڪري لکين روپيا به خرچ ڪري روزگار جي لاءِ يورپ کي اهميت ڇو ٿا ڏيئن، انهيءَ جو فائدو انساني اسمگلرن کي ئي ٿئي ٿو، جيڪي ڪروڙين روپيا ڪمائين ٿا ، ۽ ماڻهن کي اهو ئي خواب ڏيکارين ٿا ته پاڪستان جي ڪرنسي جي مقابلي ۾ يورپ جي ڪرنسي وڌيڪ آھي، ۽ جيڪو توهان پاڪستان ۾ پوري عمر ڪمائيندا اهو توهان يورپ ۾ ٻن سالن ۾ ڪمائي وٺندا ۽ پوءِ پوري زندگي پاڪستان ۾ عيش سان گذاريندا، انهيءَ چڪر ۽ لالچ ۾ پاڪستاني پنهنجي زندگي جي ڪمائي اهڙن ايجنٽن کي ڏيئي موت خريد ڪندا آھن ۽ جيڪي يورپ پهچي به ويندا آھن تن کي وري جيلن جي سلاخن ۾ وڌو ويندو آھي، رياست جي اها ذميواري آھي ته هن ملڪ ۾ روزگار جا اهڙا موقعا پيدا ڪري جنهن سان بيروزگاري ختم ٿئي، ۽ يورپ ۾ ڪمائي جو خواب کڻي ويندڙ هتي ئي روزگار حاصل ڪن ته جيئن ملڪ ۾ پڻ ترقي ٿي سگهي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث اهڙن عناصرن خلاف پڻ سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، چاهي اهي ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن، جيڪڏهن حڪمت عملي تي عمل ڪيو ويو ته يقينن اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي ٿي.
ڊسمبر 20, 2024