دادو: ڄامشورو مان تاج محمد پنھور کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڄامشورو مان تاج محمد پنھور کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي بعد علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي،
ڪئمپ تي شاگرد جي والد جي ايم پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ مھينو گذري ويو ۽ نوجوان پٽ 53 ڏينھن کان لاپتا آھي، سندس پتو پئجي نه سگھيو آھي، تہ ھو ڪٿي آھي، سندس امڙ بيحال پئي آهي،
نوجوان جي آزاديءَ لاءِ قائم ڪيل علامتي بک ھڙتال ۾ شرڪت ڪندڙ سول سوسائٽيءَ جي شھرين چيو تہ تاج محمد عرف اطھر پنھور 53 ڏينھن اڳ ڄامشورو شھر مان کنڀي گم ڪيو ويو ھيو، اگر سندس تي ڪو الزام يا شڪ آھي تہ ھن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڏوھ ثابت ڪيو وڃي،
ايئن جبري طور نامعلوم ھنڌ قيد ڪرڻ، انساني حقن جي خلاف ورزي آھي، اسان انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن، ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪريون ٿا تہ تاج محمد عرف اطھر پنھور کي ظاھر ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪريو.احتجاج جي اڳواڻي خليل احمد، حاجي محمد علي لاشاري، غلام حسين لنڊ، نبي بخش هاليپوٽو ۽ ٻين ڪئي،
ڊسمبر 19, 2024