اسان جا بزرگ مچ ڪچهريون ڪري حال احوال ڪندا هئا: ايس ايڇ او ميھڙ

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )مچ ڪچهريون سنڌ جي ثقافت آهن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻا توڙي شهري جاگرتا مھم هلائين سردي جي موسم ۾ مچ ڪچهري ڪرڻ سان ماضيءَ ياد اچي وڃي ٿو، اسان جا بزرگ مچ ڪچهريون ڪري حال احوال ڪندا هئا،

 اهڙن خيالن جو اظهار ايس ايڇ او ميھڙ اڪبر چنا ڳوٺ لونگ مھيسر ۾ سماجي شخصيتن نيڪ مردن پاران ڪوٺايل لوڪ مچ ڪچھري ۾ ڪيو، مچ ڪچهري ۾ علائقي جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، سنڌ جي مشھور راڳي سرمد اياز قومي ۽ثقافتي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو، مچ ڪچھري ۾ مھمان خاص طور ميھڙ ايس ايڇ او علي اڪبر چنا شرڪت ڪئي،

 وڏيرو نياز حسين مھيسر، وڏيرو محمد عمر مھيسر، سائين غلام حسين مھيسر، ڪامريڊ بشير احمد مھيسر، سائين احسن مھيسر، سرفراز احمد مھيسر، لالا مسعود احمد، افضل مھيسر، سعود احمد، حاجي منصور احمد سميت ٻين شرڪت ڪري لطيف سائين، استاد بخاري، شيخ اياز جا شعر ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ايس ايڇ او اڪبر چنا فقير محمد مشڪري، شيخ چلي، وتايو فقير جا مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائي ويٺلن کي کلائي کلائي خيرو ڪري ڇڏيو،

مچ ڪچهري جي مورن چيو ته اھڙي روايت کي قائم ڪرڻ گھرجي جيڪي ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھيا آھن سنڌ جي اوطاقن کي آباد ڪرڻ گھرجي،

 ايس ايڇ او علي اڪبر چنه چيو ته مچ ڪچھري سنڌ جي روايت آھي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آھي اھڙي پروگرام ڪرڻ سان عوام ۽ پوليس ۾ ويجھڙائي ٿيندي ھن وڌيڪ چيو تہ ميھڙ جو امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس الرٽ آھي ڪنھن بہ ڏوھاري کي بخش نه ڪيو ويندو،

جڏھن ته آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافتي کاڌا سرنھن جو ساڳ، چڻن ۽ مٽرن جي پلي، چانورن ء جئر جي ماني، مکڻ مھمان کي کارايا ويا، ان کان اڳ مھمان کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪن سان نوازيو ويو جڏھن ته ميزباني جا فرض ادل مھيسر ادا ڪيا.

ڊسمبر 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو