اسان مٿان ناجائز قاتلاڻو حملو ۽ ذرعي زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي: غلام حسين منڱڻيجو
سوڀوديرو )رپورٽ: ميرخان منڱڻيجو ( ھنڱورجا لڳ ڳوٺ بچل شاهه جا رهواسين غلام حسين منڱڻيجو ۽سندس پٽ امير علي منڱڻيجو سنڌ پريس ڪلب ھنڱورجا جي ميڊيا ٽيم سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي بااثر عبدالرحمان منڱڻيجو ۽حق نواز منڱڻيجو حليم لاءِ منڱڻيجو مجب منڱڻيجو ڇار پٽ علي گوھر منڱڻيجو جي جيڪي منهنجي ذرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
مذڪوره متاثرين غلام حسين منڱڻيجو چيو ته مان پنهنجي زمين تان ڪمند جي واڍي ڪري رهيو هيس ته بااثر عبدالرحمان منڱڻيجو حليم منڱڻيجو مجيب منڱڻيجو حق نواز منڱڻيجو ۽ ٻيا نامعلوم ونگارو چڙهائي ڪري مون ۽ منهنجي پٽ خير محمد منڱڻيجو کي ڀتو نه ڏيڻ تي بااثر مٿين ماڻهن پاران اسان مٿان ناحق قاتلاڻو حملو ڪري ڏنو. جنھن سبب کين کي شديد زخمي ڪري ويا آهن.
مذڪوره زخمي غلام حسين منڱڻيجو ۽ خير محمد منڱڻيجو رورل ھيلٿ سيٽر ھنڱورجا ۾ علاج لاءِ داخل.
جنھن مان شديد زخمي غلام حسين منڱڻيجو کي وڌيڪ علاج لاءِ خيرپور جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
متاثرين پاران وزيراعظم پاڪستان وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور حد جي پوليس انچارج قاضي بچل کان پر زور اپيل ڪئي اسان مٿان ناجائز قاتلاڻو حملو ڪندڙ ۾ ڀتاخوري لاءِ ناحق مورثي ذرعي زمين تي قبضو ڪندڙن عناصرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين کي جلد گرفتار ڪري اسان کي جاني مالي قانون تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ڊسمبر 19, 2024