ملير جي اولڊ ٿاڻي لڳ شفيع ڳوٺ جو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي اولڊ ٿاڻي لڳ شفيع ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن گذريل ڏينهن عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين طرفان اسڪول جو دورو ڪيو
جتي استاد ٻارڙن کي پٽ تي ويهاري پڙهائي رهيا هئا اسڪول جي استاد ياسر بلوچ ٻڌايو ته اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن جتي 6 استاد تعليم ڏيڻ ۾ مصروف آهن اسڪول ۾ ڪمرن، فرنيچر، نصابي ڪتابن ۽ ڊريس نه هجڻ سبب ٻارڙا ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن سماجي اڳواڻ عنايت بلوچ چيو ته ٽن ڪمرن تي ٻڌل اسڪول جي عمارت ۽ سهولتون نه هجڻ کان ضلعي تعليمي آفيسرن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي
پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي ان موقعي تي هنن سنڌ جي وڏي وزير ، تعليم واري وزير ۽ ضلعي جي تعليمي آفيسرن کي اپيل ڪئي ته هو ڄاڻايل اسڪول کي فرنيچر سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
ڊسمبر 19, 2024