پي ٽي آءِ اسٽيبلشمنٽ جي ماضي واري ڪردار تي خاموش ڇو؟
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ھن وقت ڪوششون اھي ٿي رھيون آھن تھ پاڪستان اندر سياسي استحڪام ڪيئن آندو وڃي،سينئر صحافي سليم صافي جي بقول 24 نومبر معاملي بعد پاڪستان مسلم ليگ ن جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي رويي ۾ رعونت اچي وئي آھي،
سڀ گڏجي ويھن اگر قومي حڪومت جو معاملو ٺھي ٿو اھو ڪن يا ميثاق جمھوريت کي اڳتي وڌائين.اڊيالا جيل ۾ فواد چوڌري عمران خان کي مشورو ڏنو تھ فوج ۽ فوجي قيادت سان ڇڪتاڻ کي گھٽ ڪريو،جيڪا ڳالھه فواد چوڌري ڪري پيو سا ڳالھ پاڪستان جو ھر شعور مند سمجھي ٿو. حل تڏھن نڪرندو جڏھن عمران خان ضد ڇڏي فيصلو ڪندو. پر سوال آھي تھ ڇا اصولي ڳالھيون رڳو 10 اپريل 2021 کان ئي شروع ٿينديون،
ڇا 2018 جي ڳالهھ ٿيندي؟ ڇا اسٽيبلشمنٽ جو جيڪو ماضي ۾ ڪردار رھيوآھي ان تي ڳالھه ٿيندي؟ ڇا سول ملٽري لاڳاپا سڌارڻ تي ڪا ڳالھه ٿيندي؟ سول ملٽري لاڳاپا رڳو تحريڪ انصاف ۽ اسٽبلشمنٽ وچ ۾ ئي سھي ھجڻ گھرجن يا پاڪستان لاءِ ھجڻ گھرجن؟ ڇا اھا ڳالھ ٿيندي؟ اھا ڳالھ نھ ٿيندي ڇاڪاڻ جو عمران خان کي اھا ڳالھھ ڪرڻ اچي ئي نھ ٿي. عمران خان جي سموري سياست جو مطلب بليڪ ميلنگ ۽ دٻاءُ وجھڻ آھي.
اڄ ڪلهھ سندس دارومدار ٽرمپ مٿان آھي.جيو نيوز ھڪ ٽوئٽ ڪيو تھ ٽرمپ ھڪ ھم جنس پرست کي خصوصي ايلچي مقرر ڪيوآھي جيڪو بعد ۾ ھنن کي ڊليٽ ڪرڻو پئجي ويو اطلاع مطابق جيو نيوز کي چيو ويو آھي تھ توھان ٽوئٽ ڇو ڊليٽ ڪئي، پاڪستان جي رياست چوي ٿي تھ عمران خان کان اسان کي بليڪ ميل ناھي ٿيڻو.
ڊسمبر 19, 2024