عمران خان جي درخواست منظور، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ وارو نوٽفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس طارق سليم شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ عمران خان کي اي ٽي سي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ بابت درخواست جو لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.
عدالت جسماني رمانڊ دوران وڊيو لنڪ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ وارو گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني قرار ڏيندي چيو ته قانون موجب ان معاملي تي ڪابينا جي آڏو پيش ڪيو وڃي ها، دهشتگردي قانون تحت انفرادي طور تي ان جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪري سگهجي.
هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پنجاب جي گهرو وزارت ڪابينا جي منظوري کانسواءِ وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، دهشتگردي ايڪٽ تحت ڏوهه انتهائي خطرناڪ هوندا آهن پر آئين جوابدارن جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، جسماني رمانڊ دوران جوابدارن کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ سبب بنيادي حق متاثر ٿي سگهن ٿا.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ اِهو به چيو ويو ته اي ٽي اي قانون ۾ ڪيئي ترميمون ٿي چڪيون آهن پر جسماني رمانڊ جي سيڪشن 21 ۾ ڪا به ڦيرڦار ناهي ٿي، ٽرائل دوران عدالت ۾ جوابدار کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪري سگهجي ٿو پر جوابدار کي جسماني رمانڊ تي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نٿو ڪري سگهجي.
فيصلي موجب، عدالت 15 جولاءِ 2024 تي پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ وارو صوبائي گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي پي ٽي آءِ باني جي درخواست منظوري ڪري ٿي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان لاهور ۾ نوَ مئي جي ٻارنهن ڪيسن ۾جسماني رمانڊ لاءِ وڊيو لنڪ وارو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو ويو هو.

ڊسمبر 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو