نان فائلر جي وڏي گاڏي جي خريداري تي بندش، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ٽيڪس ادا نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي لاءِ حڪومت ٽيڪس قانونن ۾ ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، جنهن موجب نان فائلر بئنڪ اڪائونٽ نه کولي سگهندا ۽ نه ئي مقرر حد کان وڌيڪ اڪائونٽ مان پئسا ڪڍي سگهندا.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ ٽيڪس لاز ترميمي بل 2024ع پيش ڪيو. نان فائلرز تي پابندي بابت ٽيڪس قانون ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ٽيڪس قانون ترميمي بل 25-2024 جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. تجويز ڪيل ترميم موجب نان فائلرز تي 800 سي سي کان وڌيڪ گاڏيون خريد ڪرڻ تي پابندي هوندي، نان فائلرز مقرر حد کان وڌيڪ ملڪيت خريد نه ڪري سگهندا.
نان فائلرز کي به مقرر حد کان وڌيڪ شيئر خريد ڪرڻ تي پابندي هوندي، نان فائلرز بئنڪ اڪائونٽ نه کولي سگهندا. نان فائلر هڪ کان وڌيڪ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن نه ڪري سگهندا. تجويز ڪيل ترميم موجب نان فائلرز کي موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ٽريڪٽر خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.
تجويز ڪيل ترميم موجب غير رجسٽرڊ واپارين جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا، غير رجسٽرڊ ڪاروبار ڪندڙ ملڪيت منتقل نه ڪري سگهندا، غير رجسٽرڊ ماڻهن جي ملڪيت ۽ ڪاروبار کي حڪومت سيل ڪرڻ جو اختيار ڏيندي،
ايف بي آر پاران جن جا نالا جاري ڪيا ويندا انهن جا اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا. تجويز ڪيل ترميم موجب سيلز ٽيڪس جي رجسٽريشن نه ٿيڻ تي بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويندا، اهڙن ماڻهن جي ملڪيت جي منتقلي تي پابندي هوندي، سيلز ٽيڪس جي رجسٽريشن کان ٻن ڏينهن اندر اڪائونٽس منجمد ڪيا ويندا،
اڪائونٽ منجمد ڪرڻ لاءِ چيف ڪمشنر کي اپيل ڪئي ويندي. ان کان علاوه 25 سالن تائين جي فائلر جي والدين، زال ۽ ٻارن کي فائلر تصور ڪيو ويندو. مٿيون پابنديون وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ لاڳو ٿينديون.
ڊسمبر 19, 2024