هوريان هوريان مايوسيءَ جي دور مان نڪري چڪا آهيون: خواجا آصف

Spread the love

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ مان 50 سيڪڙو ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
سيالڪوٽ ۾ چيمبر آف ڪامرس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بچاءُ واري وزير خواجا آصف ج چوڻ هو ته صنعتي برادري جي سمورن مسئلن کان آگاهه آهيون، ملڪ هن وقت بُري دور مان گذري رهيو آهي، آءِ ايم ايف جو دٻاءُ آهي پر هڪ روشني نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي.
هن چيو ته هو هوريان هوريان مايوسي جي دور مان نڪري چڪا آهن پر اڃا به کوڙ ساريون رنڊڪون پار ڪرڻيون آهن، ڪجهه اهڙا فيصلا هوندا آهن جيڪي پنهنجي مجبورين سبب ناهيون ڪري سگهندا، معاشي مجبوريون ڪڏهن ڪڏهن تڪليف ڏينديون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪو سوچي به نه ٿو سگهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ مثالي آهي، اسان جا ٻيا انديڪيٽرز به مثبت اچي رهيا آهن، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، هن وقت ملڪ مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي پر وقت سان گڏوگڏ مسئلا حل ٿيندا ويندا.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نان ڪسٽم گاڏين جي تمام گهڻي سمگلنگ آهي، حلال ۽ حرام جو فرق ختم ٿي ويو آهي، پرويز الاهي ٻڌايو هڪ بيوروڪريٽ نياڻين جي شادي ۾ چار ارب رُپيا سلامي ڪمائي، هڪ ڪسٽم ڪليڪٽر ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته گذريل دور ۾ ملڪ ۾ تمام وڏي ڪرپشن ٿي، جيڪڏهن پنجاهه سيڪڙو ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوي.

ڊسمبر 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو