پوري سنڌ جيان دادو ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رهيا
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) پوري سنڌ جيان دادو ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رهيا:. دادو شهر جي ننڍن وڏن علائقن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف شٽر بند رهي،
دادو پوليس چئن ڪارڪنن جبران پنهور، خادم مارفاڻي، گلزار ڀٽي، علي گل چانڊيو کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو،
ايس ٽي پي اڳواڻن ڪامريڊ امام بخش پنھور، جبران پنھور،خادم ٻٻر، مانجھي مستوئي، رحيم جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي
وفاق پنهنجو فيصلو واپس وٺي، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون، اڳ ئي لکين ايڪڙ زمينون پاڻي نه ملڻ سبب غير آباد بڻيل آهن، سنڌ سڪائڻ ڪنهن کي به نه ڏينداسين سنڌ جا وارث سنڌ جي مالڪي ڪندا،هنن دادو پوليس انتظامیہ کي چتاءُ ڏنو ته فوري طور گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي،
ڊسمبر 18, 2024