سرجري کانپوءِ خلائي مخلوق جهڙي نظر اچي رهي هيس: شيرلن چوپڙا
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا شيرلن چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته سرجري کانپوءِ منهنجو چهرو خلائي مخلوق (alien) جيان نظر اچڻ لڳو.
ڀارتي ميڊيا جي هڪ شو ۾ گفتگو دوران شيرلن چوپڙا گذريل سال ڪرايل سرجري تي ڳالهائيندي جذباتي ٿي وئي.
گفتگو دوران شيرلن چوپڙا اعتراف ڪيو ته گذريل سال مان سرجري لاءِ هڪ ڪاسميٽولوجسٽ وٽ وئي هئس، جنهن منهنجي سڄي چهري تي فلرز لڳايا ۽ منهنجي کاڏيءَ کي ڊگهو ڪري ڇڏيو، اها سرجري منهنجي لاءِ هڪ ڀوائتو خواب هئي.
هن چيو ته سرجري سبب منهنجا چپ وڏا ٿي ويا هئا ۽ مان هڪ ايلين جيان لڳي رهي هيس.
اداڪارا پنهنجي مداحن کي صلاح ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان سرجري کانپوءِ مون وانگر نظر نٿا اچڻ چاهيو ته ميڪ اوور کان اڳتي نه وڃو، ڇو ته اهو گهٽ ئي سٺو هوندو آهي.