ڳالهين ۾ سنجيدگي ڏيکاريو نه ته بحرانن جي ڌٻڻن ۾ ڦاٿل رهو
علي محمد ڍلون
”ڳالهين“ جو لفظ دنيا جي لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو.ڳالهين سان جنگيون ٽري وينديون آهن ۽ بحرانن تي ضابطو آندو ويندو آهي، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ هٿيارن سان نھ پر ڳالهين سان ختم ٿيون. پر جڏھن انهن ”ڳالهين“ جو ذڪر پاڪستان ۾ ٿئي ٿو ته ان جو مطلب ئي بدلجي وڃي ٿو. ان مان ملاوٽ، منافقت، وقت کي ڌڪو ڏيڻ ۽ ٻيون برائيون ورتو وڃي ٿو.خبرون اچي رھيون آهن ته حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين لاءِ رابطا شرو ع ٿي ويا آھن ۽ ان حوالي سان پارليامينٽ جو پليٽ فارم استعمال ڪيو ويندو.ھڪ لحاظ سان دير ٿي پر درست رستي تي اچڻ، بھتر ڳالھھ آھي.
ڌرين ۾ معاملا اھڙا آھن جو کين ويجهو اچڻ ۾ وقت لڳندو.ٽڪراءَ ۽ تڪرار جون دعوائون سامھون اچي رھيون آھن ۽ اھڙين ٻين ڳالھين جي سامھون اچڻ کي بھ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ان حقيقت کان انڪار ممڪن نھ آهي ته ڪجھه مفاصلن سبب موجوده صورتحال ۾ ان ڳالهھ کي اڳيان وڌائڻ جي اميد ڪنهن معجزي کان گھٽ نھ آهي، پر ملڪي حالتن جي گھرج آھي تھ بحران تي قابو پائڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ بي يقينيءَ جي ڪيفيت کي ختم ڪيو وڃي.گھڻي ڇڪتاڻ ڪري اھا توقع نھ ٿي ڪري سگھجي ته سڀاڻي ئي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
هتي مسئلو ھي آهي ته حڪومت ٻن گروپن ۾ ورهايل آهي، هڪ گروهه ”شاهي“ آهي، جيڪو ڪنهن به صورت مذاڪرات نٿو چاهي، اھو شهباز شريف جو گروپ آهي، جيڪو اقتدار جا مزا ماڻي رهيو آهي، جڏهن ته ٻيو گروپ ” شريف گروھ “ آهي. جيڪو اقتدار ۾ نه آهي پر ڳالهين ۾ يقين رکي ٿو ۽ صورتحال جي سنگيني کي سمجهي ٿو. اهو ڪنهن حد تائين تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ کي پڻ تسليم ڪري ٿو پر حالتن ھٿان مجبور آهي.
جيئن نواز شريف، اپوزيشن سان ڳالهين جو ذڪر ڪيو تھ ھن لاءِ حالتون سخت ٿيڻ لڳيون. جئين مثال طور تازو سپريم ڪورٽ عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن عادل بازئي جي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي.جنھن تي سپريم ڪورٽ بھ الڪشن ڪميشن تي خاصي ناراض نظر آئي.ان ڪيس جي خاص ڳالھھ وڪيل ۽ جج وچ ۾ گفتگو ھئي. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته توهان وٽ ٻه حلف ناما آيا هئا، هڪ ڪامياب ٿيندڙ چئي رهيو آهي ته منهنجو آهي ۽ ٻيو چئي رهيو آهي ته اهو منهنجو ناهي.اوھان ڪھڙي انڪوائري موجب ھڪ حلف نامي کي درست مڃي ورتو ؟ ڇا اليڪشن ڪميشن چئي سگهي ٿي ته صرف هڪ حلف نامو پسند نه ڪيو ويو ۽ ٻيو پسند اچي ويو ؟ ڇا اليڪشن ڪميشن ملڪ جي سمورين عدالتن کان مٿاھين آهي؟ توهان کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي،ڇا توهان ڪنھن کي به نھ ٿا مڃيو ؟ اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ جي اهڙي ڇنڊ پٽڻ سڄي اليڪشن جي پول کولڻ برابر آھي. هن ڪيس ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عادل خان بازئي جي نااهلي جو ريفرنس پارٽي صدر مسلم ليگ ن نواز شريف طرفان اسپيڪر ڏانهن موڪليو ويو هو، هن بجيٽ اجلاس دوران پارٽي جي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ عادل بازئي حڪومتي بينچ تان اٿي اپوزيشن بينچ تي ويھي رھيو.مان سمجهان ٿو ته ان فيصلي کانپوءِ نوازشريف مشڪل ۾ آهي ۽ ايندڙ فيصلو به سندس خلاف وڃي سگهي ٿو.
بھرحال ڳالهين لاءِ اهم ڳالهه ھي آهي ته توهان ان ۾ سنجيده بھ آهيو يا نه، يا حڪومت صرف ٽوپي ڊرامو ڪري رهي آهي ۽ انھن کي فيصلو ڪندڙ قوتن جي حمايت به حاصل آهي يا وري وقت گذارڻ پئي چاھي.جڏهن تحريڪ انصاف سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي.بلڪل ائين جيئن ڀٽي دور جي آخري سالن وانگر، يعني جيڪڏهن اسين 1977ع جي پاڪستان قومي اتحاد جي تحريڪ جو جائزو وٺون ته ان ڳالهه ۾ شڪ جي ڪا گنجائش نه آھي ته ان تحريڪ ۾ عوام جي وڏي اڪثريت شامل هئي، ان تحريڪ کي فوج ۽ آمريڪا جي حمايت حاصل هئي.پر اها به حقيقت آهي ته تحريڪ ۾ عوام ڀرپور حصو ورتو ھو ۽ چونڊ ڌانڌلي ھڪ بھانو ھو.جنھن جي اوٽ وٺي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪرڻ جي رٿ رٿي وئي ھئي.ذوالفقار علي ڀٽو 1977ع جون چونڊون واضح اڪثريت سان کٽيون ھيون. (جيتوڻيڪ ان ۾ ڌانڌلي جا واضح ثبوت بھ موجود هئا) پر مخالف ڌر نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته مقتدرا ذوالفقار علي ڀٽي کي اقتدار تان هٽائڻ پئي چاھيو۽ ان لاءِ چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جو رستو اختيار ڪيو ويو. پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلي جي نالي تي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪا ُپرتشدد ٿيندي وئي، مخالف ڌر جي اڳواڻن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اپوزيشن ڀٽي کي بخشڻ لاءِ تيار نھ ھئي.اپوزيشن ڀٽي خلاف جذبات کي ڀڙڪايو جو تحريڪ شديد ڀڃ ڊاھ ۽ وڳوڙي ٿي وئي.
اها اصل ۾ ٻن طبقن وچ ۾ جنگ ھئي ۽ هڪ طبقي جو ھارائڻ لازمي ھو.ذوالفقار ڀٽو مقبول ھو پر اپوزيشن ماڻھن کي اھڙو ڀڙڪايو جو گھڻن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. انتھا تي پھچڻ سبب ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين جا امڪان ختم ٿي ويا هئا. پاڪستان قومي اتحاد جي جنرل سيڪريٽري ۽ بااثر اڳواڻ رفيق باجوه ان ماحول ۾ امن جي ممڪن رستي ڳولڻ تي زور ڏنو. جڏهن هن حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس قومي اتحاد مان ڪڍيو ويو ۽ بعد ۾ انتهائي ذلت آميز انداز ۾ سياست مان ڪڍيو ويو، جيڪو اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي هو ته مخالف ڌر رڳو حڪومت کي برطرف ڪرڻ پئي چاھي،
ذوالفقار علي ڀٽو مخالف ڌر جي ارادن ۽ عالمي سازشن کان چڱيءَ ريت واقف هو، جيئن اڄ ڪلھه عمران خان به پوري طرح باخبر آهي، تنهن ڪري هن مخالف ڌر سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ھن جا ڪيترائي ويجھا ڳالھين جا مخالف ھئا.ڇاڪاڻ جو انھن جي نظر سياست تي ذوالفقار علي ڀٽي جيتري وسيع نه هئي.پاڪستان تحريڪ انصاف رڳو ذوالفقار علي ڀٽي جي ذات کي نشانو بڻايو ھو.ڇو تھ انھن کي خبر ھئي تھ پ پ پ رڳو ذوالفقار علي ڀٽو ئي آھي.اھو اقتدار تان هٽڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي دفاعي پوزيشن ۾ هلي ويندي ۽ پوءِ اسان جي فتح کي ڪير به روڪي نه سگهندو.
پاڪستان قومي اتحاد ۾ بھ ڳالهين جي نالي تي سخت اختلاف ھئا. ڇو ته ايئر مارشل اصغر خان جي اڳواڻي ۾ هڪ گروپ کي ان ڳالهه جو سخت خدشو هو ته ڳالهين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو زندھ بچي ويندو، ان ڪري هو ڳالهيون شروع ڪرڻ جا خواھشمند نھ ھئا. هنن ان تحريڪ جي طاقت سان اقتدار تي قبضو ڪرڻ پئي چاهيو، ڇاڪاڻ ته کين ڊپ ھو تھ ٻيهر اھڙو بهتر موقعو نه ملندو، پر ٻئي گروهه انهن جي راءِ کي غير ضروري سمجهيو ۽ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ جو فيصلو ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي کي يقين هو ته پاڪستان جو عوام کيس بيحد پيار ڪري ٿو، ان ڪري مخالفن لاءِ اهو ممڪن نه هو ته هو کيس چونڊن ۾ هارائي سگھن، ذوالفقار علي ڀٽي اپوزيشن جا سمورا مطالبا قبول ڪري ٻيهر چونڊون جو رستو صاف ڪري ڇڏيو.حقيقت اها ھئي ته اپوزيشن اليڪشن هارائي هئي۽ وري بھ ھارائي پر ان جو اعتراف نه ڪري رھي ھئي.
4 جولاءِ 1977ع تي پيپلز پارٽيءَ ۽ اپوزيشن وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، پر ان ئي رات جنرل ضيالحق اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ ته عالمي طاقتون سمجهي چڪيون هيون ته ٿيل ڳالھين ۾ ٻيھر چونڊ جو مطلب اپوزيشن جي شڪست آهي. ڇاڪاڻ جو ذوالفقار علي ڀٽي کي شڪست ڏيڻ ممڪن نه ھو. تڏھن ھڪ طرف جنرل ضياءُ الحق اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ٻئي پاسي وري سموريون پارٽيون ضياءَ سان مارشل لا حڪومت جو حصو بڻيون. جيڪو اھو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته اپوزيشن، فوج ۽ عالمي طاقتون ذوالفقار علي ڀٽي کي هٽائڻ لاءِ متحد هيون.
اڄ به صورتحال اها ئي آهي، جيڪي گروهه ڳالهيون نٿا چاهين انهن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هنن مارڪيٽ ۾ فيصل واوڊا، طلال چوڌري، شيري رحمان يا ٻين اڳواڻن کي آڻي ڇڏيو آهي، جيڪي ڪڏهن به نٿا چاهين ته ڳالهيون ڪامياب ٿين ۽ عمران خان ۽ پاڪستان سرخرو ٿين. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڳالهيون سنجيده ٿي ويون ته ملڪ بحرانن ۽ مشڪلاتن مان نڪري ويندو، ان ڪري ٻئي ڌريون ڳالهين ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪن، ٻي صورت ۾ ملڪ وڌيڪ بحرانن ۾ ڦاسندو ويندو ۽ اسين سڀ هٿ مليندا رھنداسين !