”فائر وال جو ٻڌي ٻڌي ڪَن پَچي پيا آهن“ انٽرنيٽ جي سستي تي پ پ ميمبر ڪاوڙجي پيا

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس دوران پ پ ميمبرن انٽرنيٽ جي رفتار ۾ سستي جو معاملو اٿاري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي شازيا مري چيو کِل اچي رهي هئي ته اهڙي انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ ڊجيٽل نيشن بل آندو ويو، فائر وال جو ٻڌي ٻڌي ڪَن پَچي پيا آهن.
هن چيو ته حڪومت جا قدم مذاق آهن، ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند آهي ۽ ڊجيٽل پاڪستان جو بل پيش ڪيو پيو وڃي، سوال ڪجهه پڇيا ويندا آهن ۽ جواب ڪجهه ڏنا ويندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان سوشل ميڊيا جي خلاف ناهيون پر ان جي غلط استعمال جا مخالف آهيون، جيڪي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال نٿا ڪن، انهن کي ڇا جي سزا ڏني پئي وڃي.
عبدالقادر پٽيل چيو ته انٽرنيٽ جو جيڪو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، اهڙو ڪڏهن ناهي ٻڏو، نه ايڪس ٿو هلي نه واءِ ۽ زيڊ، نه وائيس نوٽ ٿا کلن ۽ نه تصوير اپ لوڊ ٿي رهي آهي، ڪاروبار ۽ ٻارن جي تعليم جو نقصان ٿي رهيو آهي.
ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه مملڪتي وزير شزا فاطما جي جواب تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايترا معزز ميمبر انٽرنيٽ جي شڪايت ڪري رهيا آهن، اسان به انٽرنيٽ استعمال ڪندا آهيون، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ٺيڪ ناهي، بهتر ڪرڻ جي گنجائش آهي، بهتر ٿيڻ گهرجي.

ڊسمبر 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو