انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي پر قومي سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي: شزا فاطما
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزا فاطما چيو آهي ته اسان کي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي پر قومي سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.
قومي اسيمبلي ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ رفتار بابت اُٿايل اعتراضن جو جواب ڏيندي شزا فاطما چيو ته آءِ ٽي وزارت ملڪ ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اسان کي ملڪ جي ڊجيٽل سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻو آهي، اسان کي پنهنجي شهرين کي محفوظ بڻائڻو آهي، اسان شهرين جي ڊيٽا جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي جا ذميوار آهيون.
هن چيو نه ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪو شوق آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو فائدو آهي، منهنجي هٿ ۾ ڪو بٽڻ ناهي ته انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏيان پر سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڪجهه مسئلا اچي رهيا آهن، سيڪيورٽي لاءِ انٽرنيٽ بند ٿي پر لينڊ لائن بلڪل به بند ناهي ٿي، قومي سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.
سندس چوڻ هو ته گهرو وزارت جي هدايت تي پي ٽي اي ايڪس کي بند ڪيو آهي، سيڪيورٽي خدشن تي ريگوليٽري نظام حرڪت ۾ ايندو آهي، ڏکيائيون پيش اچڻ تي واهپيدارن سان معذرت ڪيون ٿا، اپريل 2025 ۾ فور جي ۽ فائيو جي اسپيڪٽرم هوندو.