عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جوابدار جي جيل ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽڻ کانپوءِ اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿيڻ تي 2017 کان سمورا چيف جسٽس صاحب ذميوار آهن.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ عثمان نالي جوابدار جي جيل ۾ عمر قيد ڪاٽڻ کانپوءِ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
سرڪاري پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ جوابدار سزا ڪاٽڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ٿي چڪو آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته 2017 ۾ جوابدار سزا خلاف جيل پٽيشن داخل ڪئي هئي.
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿيڻ تي 2017 کان سمورا چيف جسٽس صاحب ذميوار آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پڻ انتظامي طور تي اپيل مقرر نه ٿيڻ جي ذميوار آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته صدر پاڪستان، گورنر ۽ پارليامينٽ وٽ عدليا کان رپورٽ طلب ڪرڻ جا اختيار آهن، فوجداري ڪيسن تي جاچ لاءِ رڳو 350 رپيا مختص ڪيا وڃن ٿا، جاچ ۽ فوجداري نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.
جسٽس شهزاد ملڪ ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ۾ ججنو انگ وڌائي ويو آهي، دهشتگردي ٽوڙ، اسپيشل ڪورٽ سميت ماتحت عدليا ۾ ججز جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، عام عدالتن ۾ ججن ۽ اسٽاف جي کوٽ آهي، ججن جو انگ وڌائڻ سان گڏوگڏ انفراسٽرڪچر پڻ فراهم ڪرڻ گهرجي.
ڊپٽي ايڊوڪيٽ جنرل خيبر پختونخواهه ڪوثر علي چيو ته خيبر پختونخواهه هائوس تي اسلام آباد ۾ حملو ٿيو، سپريم ڪورٽ ڇا ڪيو؟ جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان خيبر پختونخواهه هائوس جي معاملي تي آئيني درخواست داخل ڪئي هئي؟
جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته عدالت ۾ سياست نه ڪريو، هي عام ماڻهن جا ڪيس آهن، فوجداري ۽ سروس جي ڪيس ۾ صوبو به انصاف ڪري.
جسٽس شهزاد ملڪ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 4 لک ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، عثمان کي 2007 ۾ شيخوپورا ۾ ياسين نالي شخص کي قتل ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا ٿي.
پوءِ عدالت جوابدار جي عمر قيد جي سزا ڪاٽي جيل مان آزاد ٿيڻ سبب ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

ڊسمبر 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو