دلجيت دوسانجهه جو اڳتي ڀارت ۾ ڪنسرٽ نه ڪرڻ جو اعلان
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري گلوڪار دلجيت دوسانجهه اڳتي ڀارت ۾ ڪنسرٽ نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
دلجيت دوسانجهه هڪ شو دوران ڀارت ۾ اڳتي لائيو ڪنسرٽ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دلجيت دوسانجهه شو ۾ مداحن سامهون چئي ٿو ته منهنجي انتظاميا کي درخواست آهي ته شو جو انفرا انسٽرڪچر بهتر ڪري نه ته اڳتي مان هتي ڪڏهن به لائيو شو نه ڪندس.
هن چيو ته مان اڳتي ڪوشش ڪندس ته مداحن سامهون پرفارم ڪري سگهان، مداحن جي وچ ۾ هجان، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته مان شو نه ڪندس، جنهن تي مداحن گوڙ ڪري سندس ڳالهه جي حمايت ڪئي.